اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي ??راج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اهو قابل رشڪ ۽ فخر جوڳي محسن علي جي ڪاميابي جي ڪهاڻي ئي نه پر تعليم جي ذريعي نوجوانن جي زندگي ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ولول?? انگيز ويزن ۽ سوچ جي ڪاميابي جو هڪ بهترين مثال پڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي ڳوٺ ميان رحيما ج?? ان قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي پاڪستان جي نوجوانن کي ڪاميابي جو راز سمجهايو. پنجاب جي وڏي وزير طور شهباز شريف محسن علي جهڙي سوين ذهين پر غريب نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين جي سرپرستي ڪئي، تعليمي وظيفا، ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏيئ?? انهن جي حوصلا افزائي ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اڄ قائد محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي يوٿ پروگرام جي ڪاميابي جا روشن ستارا بڻجي چڪا آهن ۽ ان ويزن جي ڪاميابي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته اڄ محسن عل?? انهي ميو ڪاليج لاهور ۾ ليڪچرار آهي جنهن جي ويجهو موجود تندور ۾ هو مانيون لڳائي پنهنجي خاندان جي لاءِ حلال رزق ڪمائي رهي?? هو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ محسن علي کي ڪروڙين پاڪستانين جي آڏو ڇاتي سان لڳائي شاباس ڏني. هڪ شاباس نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ??ه ملڻ گهرجي جن جي ويزن محسن علي ۽ ان جهڙن سوين غريبن کي ڪاميابي ج?? ان منزل تائين پهچڻ ۽ پنهنجا خواب سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ عملي مدد ڪئي، اه?? هوندو آهي ويزن، اها هوندي آهي عوام جي چونڊيل قيادت.
مريم اورنگزيب پاران پنج گولڊ ميڊل کٽيندڙ حافظ آباد جي قابل ۽ محنتي نوجوان محسن علي کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن