سکر – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري ??يو آهي ته شهيد ??ٽو ملڪ کي هڪ عالمي قوت بڻائڻ وڃي رهيو هو پر ان کي رستي تان هٽايو ويو، بينظير ??ٽو شهيد کي قتل ڪيو ويو، اڄ تائين اسان انصاف جو انتظار ڪري رهيا آهيون. هو راڻيپور ويجهو گمبٽ ۾ هيلٿ سٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري گمبٽ ۾ پاڪستان جي پهرين ڦڦڙن جي پيوندڪاري جي شعبي جو افتتاح ۽ ملڪ جي پهرين هيلٿ سٽي ۽ دوائن جي يونٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ ۾ نئين منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين ??يو ته سنڌ حڪومت هڪ عالمي معيار جو ميڊيڪل انفراسٽرڪچر بيهاري ڇڏيو آهي، جيڪو ٻين صوبن کان کان تمام ??هڻ?? اڳتي آهي. هن ??يو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ صوبائي نه پر حقيقي معنيٰ ۾ هڪ قومي ادارو آهي، جتي ٻين صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا مريض پڻ علاج جي لاءِ اچن ٿا. هن وڌيڪ ??يو ته سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جي ايتري ڪردارڪشيءَ ڪئي وئي آهي جو ماڻهن کي گمبٽ جهڙن ادارن جي قيام ۽ ڪارڪردگي تي پڻ اعتبار ئي نه ٿو اچي. چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري ??يو ته جيڪڏهن سياسي پارٽين کي اسپيس ڏنو وڃي ۽ نفرت، ورڇ ۽ گارگند جي سياست بدران ڊيليوري، نظريي ۽ منشور جي سياست جي بنياد تي مقابلو ٿئي، ته اهو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ فائديمند هو. هن ??يو ته افسوس آهي جو هتي طاقتور طبقي هر نسل سان کيڏيو آهي. هن تاريخي حوالا ڏيندي ??يو ته شهيد ذوالفقار علي ??ٽو ملڪ کي عالمي قوت بڻائڻ وڃي رهيو هو ۽ ان جي دور ۾ دنيا جي اڳيان هڪ اهڙو پاڪستان هو جيڪو وڏين وڏين طاقتن جي وچ ۾ صلح ڪرائيندو هو. هن ??يو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ??ٽو وزيراعظم هئي، ته دنيا جا وزيراعظم ۽ صدر پاڪستاني وزيراعظم جي پٺيان ڊوڙندا هئا. هن ??يو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ??ٽو ملڪ جي قيادت ڪري رهئي ته هيلري ڪلنٽن جهڙيون شخصيتون به ان جو هڪ سگنيچر وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيهي انتظار ڪنديون هيون. پيپلزپارٽي چيئرمين ??يو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور سويلين صدر هو، پر هن پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا. هن وڌيڪ ??يو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو پاڪستان جي معيشت جو سنگ ميل آهي، ان جو بنياد صدر آصف علي زرداري رکيو هو. تاريخي پس منظر پيش ڪرڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي چيئرمين سوال ڪيو ته ??نه?? سمورين خدمتن جي جواب ۾ ??نه?? کي ڇا ڏنو ويو؟ ان سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته ??نه?? ئي عدالتن قائد عوام کي ڦاهي جي سزا ڏني ۽ اڄ تائين ڪنهن کي خيال نه آيو ته قائد عوام سان انصاف ڪري. پوري پاڪستان کي ليڪچر ڏين ٿا ته ڪير ڪرپٽ ۽ ڪير سسلين مافيا آهي. هن ??يو ته شهيد محترمه بينظير ??ٽو کانپوءِ مون پاڻ ??نه?? ئي عدالتن ۾ وڃي درخواست ڏني ته آئون قائد عوام جو پوٽو آهيان، توهان جي آڏو التوا هيٺ صدارتي ريفرنس جو حصو بڻجڻ چاهيان ٿو ۽ توهان ڪيس ٻڌو. اڄ تائين ڪنهن جج شهيد ذوالفقار علي ??ٽو جو ڪيس نه ٻڌو. بلاول ??ٽو زرداري ??يو ته شهيد محترمه بينظير ??ٽو به شهيد ٿي وئي، پر آمرن سان گڏجي ملڪ تي حڪومت ڪندڙ ججز انصاف نه ڏنو. هن ??يو ته اڄ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ سميت سڀ تسليم ڪن ٿا ته ??نه?? آئين ۽ جمهوريت تي ڌاڙو هڻي غيرآئيني طريقي سان عمران خان کي قوم تي مڙهيو. پيپلزپارٽي چيئرمين خبردار ڪيو ته تخت لاهور جي ويڙهه پوري ملڪ کي ٻوڙي سگهي ٿي. هن ??يو ته مون سسٽم کي هلائڻ ۽ ان اميد تي شهيد محترمه بينظير ??ٽو جي ڪيس ۽ نه ئي قائد عوام جي عدالتي قتل جي معاملي تي انصاف نه ڏيڻ تي به ڪڏهن سخت لفظ استعمال نه ڪيا ته شايد پاڻ سوچين. پر هاڻي آئون سمجهان ٿو ته رڳو شريف ٿي سياست ڪئي ته اسان جي ايندڙ ٽي ٻيون نسلون به قائد عوام ۽ شهيد محترمه بينظير ??ٽو جي لاءِ انصاف جون مطالبو ڪنديون رهنديون. چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري ??يو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ جمهوري ۽ نظرياتي پارٽي آهي ۽ منشور جي سياست ڪري ٿي، پر اسان هاڻي پردو نه رکنداسين. هن ??يو ته اسان ڄاڻون ٿا ته پاڪستان کي ون يونٽ بڻائڻ جو پلان، 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ صوبن جا حق سلب ڪرڻ جو پلان جيڪو سليڪيٽيڊ جي نالي تي اسان تي مڙهيو ويو، اڄ به ??نه?? ڊاڪٽرائين جا چاهيندڙ هر اداري ۾ موجود آهن. جڏهن اسان نيوٽرل نيوٽرل کيڏي رهيا هئاسين، اهي پنهنجي خان جي لاءِ سازشون ڪري رهيا هئا. هن واضح رڪيو ته اسان پاڪستان جي عوام آڏو ان ٽولي جي سازش کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. پيپلزپارٽي چيئرمين سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪندي ??يو ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوامي مينڊيٽ تحت پنهنجون ذميواريون ۽ ڪم جاري رکي. هن ??يو ته هو پاڻ تخت لاهور ۾ ويهي غيرجمهوري قوتن ۽ ڪٺ پتلين کي جواب ڏيندو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.
شهيد ڀٽو ملڪ کي هڪ عالمي قوت بڻائڻ وڃي رهيو هو پر ان کي رستي تان هٽايو ويو، بينظير ڀٽو شهيد کي قتل ڪيو ويو، اڄ تائين اسان انصاف جو انتظار ڪري رهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی