اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پاڪستاني س??زمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ تي پنهنجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 مارچ 2022ع تي ڀارت جي سورت ڳڙهه مان پاڪستاني حدن ۾ سپر سونڪ ميزائيل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سان انساني جانين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خطرو لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ان نازڪ ??ورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي امن ??ي لاءِ پڪي عزم جو ثبوت آهي. ڀارت جي غيرذميواراڻي عمل عالمي قانون، گڏيل قومن ??ي چارٽر، عالمي س??ح تي غلط قدمن ??ي لاءِ رياستن جي ذميواري بابت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پنهنجي اسٽريٽجڪ هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوالي س??ن ڀارتي نظام ۾ موجود ڪيترن ??ي ن??صن ۽ فني خامين کي بي ن??اب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي حڪومت ان سنگين واقعي بابت حقيقتن جو صحيح طريقي س??ن تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پاڪستان جي مطالبي کي تسليم نه ڪيو. ڀارت پنهنجي اندروني جاچ جا نتيجا به پاڪستان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان جي نام نهاد داخلي جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀارت جي اسٽريٽجڪ هٿيارن ??ي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جوهري ماحول ۾ ميزائيلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوالي س??ن ڪيترن ??ي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوابن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران ڀارت جي 9 مارچ 2022ع تي براهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پاڪستاني سرزمين تي غيرذميواراڻي فائرنگ اقعي جي گڏيل جاچ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena