اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ايندڙ نسلن کي تعليم جي فراهمي اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي، هنرمندي جي تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، استادن جي معياري تربيت يقيني بڻائي وڃي، تعليم وارو وفاقي وزير صوبن سان گڏجي هڪ ٺوس پروگرام ٺاهي جنهن ۾ استادن کي ٽيبليٽس ڏنا وڃن، استادن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حاضري کي ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي ۽ باقاعدگي سان اسڪولن ۾ حاضر ٿيندڙ ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم هائوس ۾ ٽ??لي اسڪول پاڪستان ايپلي ڪيشن جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??عليم جي حوالي سان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي تعليم جي فروغ لاءِ هي هڪ سٺو قدم آهي، ان تي تعليم واري وزير، تعليم واري سيڪريٽري، پي ٽي سي ايل چيئرمين سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ??نجاب ۾ پنهنجي 10 سالا دور ۾ مون ڏٺو ته ??ستادن جي تربيت جو معيار بهتر نه آهي، الله ڪري ان حوالي سان تيزي سان قدم کنيا ويا هجن جڏهن ته ??ئين لڳي نه ٿو، پنجاب ۾ 40 ٽيچر ٽريننگ مرڪز جي ڪهاڻي مون کي چڱي طرح ياد آهي، ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، تعليم وارو وزير صوبن سان گڏجي هڪ ٺوس پروگرام ٺاهي جنهن ۾ استادن کي ٽيبليٽس ڏنا وڃن، استادن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حاضري کي ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي ۽ باقاعدگي سان اسڪولن ۾ حاضر ٿيندڙ ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ??وري پاڪستان ۾ هوشيار شاگردن ۾ هن سال هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن جيڪو اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ۾ پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻو آهي ته ??نهن کي ليپ ٽاپ جهڙا جديد اوزار فراهم ڪرڻا پوندا ته ??يئن پوري پاڪستان ۾ اسان جي قوم جا اهي معمار جديد تعليم کان روشناس ٿي سگهن ۽ دنيا جي معيار تي پورا لهن. وزيراعظم چيو ته ??وڪيشنل ٽريننگ سينٽرز جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر ۽ صوبائي حڪومتن ??ان گڏجي ان پروگرام کي اڳتي وڌائين، اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، مختلف شعبن بابت پرائيويٽ سيڪٽرز جون خدمتون ورتيون وڃن، ميرٽ تي خدمتون ورتيون وڃن ۽ في ڪس ٻار ان جي فيس ادا ڪن ته ??يئن اهي انهن کي ڀرپور ٽريننگ ڏين، حڪومت جو ڪم اهو نه آهي ته ??ها عمارتون ٺاهي ۽ وقت ضايع ڪري ۽ ان ۾ به خرابيون نڪرن، اسان کي ان جي بدران ٻارن تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ بهترين نجي شعبن جي شفاف طريقي سان خدمتون ورتيون وڃن ته ??يئن اهي انهن کي ٽريننگ ڏين، اسان ڊي ايف آئي ڊي سان گڏجي ڏکڻ پنجاب مان اهو پروگرام شروع ڪيو هو ۽ پوري پنجاب ۾ هزارين ٻارن ۽ ٻارڙين کي تربيت ڏني، ان کانسواءِ اسان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ قائم ڪيو جنهن سان يتيم ۽ مستحق ٻارن فائدو کنيو، انهن جي مٿان شفقت جو هٿ رکڻ ۽ انهن کي تعليم جي فراهمي اسان جي ذميواري آهي، دانش اسڪول جي ماڊل تي پوري پاڪستان ۾ تعليمي ادارا ٺاهي رهيا آهيون، بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ جتي عام تعليم به دستياب نه آهي اتي دانش اسڪول جي لاءِ گڏجي رقم جو بندوبست ڪنداسين ۽ انهن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ سهولتون مهيا ڪنداسين ته ??يئن انهن کي اهو احساس ٿئي ته ??هي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آهن. وزيراعظم چيو ته ????لي اسڪول پاڪستان ايپ هڪ سٺو قدم آهي، ان کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي، ڊيجيٽائيز تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، ان جي لاءِ جيتري محنت ۽ وسيلا دستياب آهن استعمال ۾ آندا وڃن، ايندڙ بجيٽ ۾ ان حوالي سان منصوبو آندو وڃي ته ??يئن جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي تعليم جو فروغ ممڪن ٿي سگهي، اهو اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ??سلام آباد ۾ استادن جي تربيت جي مرڪزن جو دورو ڪريو، آئون به تعليم واري وزير سان گڏ ويندس ته ??يئن اسان ڏسون ته ??فاقي گادي واري شهر ۾ انهن تربيتي مرڪزن جي صورتحال ڪهڙي آهي، ان ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي. تقريب ۾ سينيٽر عرفان صديقي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر وجيهه اڪرام پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن ۾ ڪروم بڪس پڻ ورهايا ۽ ٽ??لي اسڪول پاڪستان ايپ جو افتتاح پڻ ڪيو. پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل جي چيئرمين حاتم بامحترم چيو ته ??ن اهم قدمن جي افتتاح جي موقعي تي هتي موجودگي منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ان تي وفاقي تعليم واري وزارت کي مبارڪباد ڏيان ٿو، هي هڪ انقلابي قدم ۽ نئين دور جي شروعات آهي، پي ٽي سي ايل ان مقصد جي لاءِ حڪومت سان تعاون جاري رکندي.
جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ايندڙ نسلن کي تعليم جي فراهمي اسان جي زندگي جو مقصد هجڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha