اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پاران 26 جنوري 2019ع تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ڪيل فضائي حملن جي خلاف پاڪستان جي مناسب جواب جا اڄ چار سا?? مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 26 ۽ 27 فيبروري 2019ع جا واقعا ڀارت جي جنگي جنون ۽ پاڪستان پاران زبردست تحمل ۽ ذميواري کي ظاهر ڪن ٿا، پاڪستان گرفتار ڀارتي پائليٽ کي امن جي لاءِ خيرسگالي جي اظهار طور واپس ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي لاپرواهي طرزعمل جي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل تحفظ جي لاءِ تيار آهي. بيان ۾ وڌيڪ چي?? ويو ته پاڪستان ان سان گڏوگڏ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پرعزم آهي. بيان ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏن?? ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دا??ومدارگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان آهي.
پاڪستان پاران پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار