ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب ??ما??ات جي وفد سان هتي ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستاني بزنس مين پنهنجي محنت ۽ تجربي کي اس??عم??ل ۾ آڻيندي گڏيل عرب ??ما??ات ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب ??ما??ات جي قيادت سان سندس ملاقاتون ڪامياب رهيون، سندس هي دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري اميد کان وڌيڪ اعلان ڪيا. وزيراعظم پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب ??ما??ات جي وفد کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، ريئل اسٽيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل توانائي، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڀرپور موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ بزنس مين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان تجويزن سان گڏ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. وفد حڪومتي معاشي پاليسيز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ?? گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وف??قي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وف??قي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وف??قي وزير خواجه آصف ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر