سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعق?? ڪيون وينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ سيمينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪ??دي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر کانسواءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. سيمينار جي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي وي??دي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ?? ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ لڳائي وي??دي. ڏينهن جي شروعات صبح جو ??سجدن ?? ڪشميري شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائن سان ٿي??دي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ??رڪ ۽ مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ نشر ڪيون وينديون ۽ عوام ۾ ڪاري ڏينهن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ ??ڻ ورهايا ويندا.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا