اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف جي هدايت تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي خرچ ختم ڪري ڇڏيا آهن. وزيرا??ظم آفيس جي ميديا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف جو بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شآگردن جي لاءِ وڏو تحفو آهي. وزيرا??ظم اهو قدم بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي اعليٰ تعليم جي حوصلا افزائي جي لاءِ کنيو آهي. قدم جو مقصد قومي اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا جو فروغ آهي. اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جا شاگرد مفت تعليم حاصل ڪندا. بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي پئڪيج بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جا 50 سيڪڙو تعليمي خرچ وفاقي حڪومت ادا ??ند??. شاگردن جي 50 سيڪڙو فيس اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ادا??ند??. وزيرا??ظم جي هدايتن تي يونيورسٽي مان ڪڍيا ويندڙ شاگرد به بحال ڪيا ويا آهن. لاڳاپيل شاگردن کي يونيورسٽي پاران جاري نوٽيس پڻ واپس ٿي ويو. وزيرا??ظم شهباز شريف اهڙي طرح جون سهولتون پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ڏنيون هيون.
وزيراعظم جي هدايت تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور پاران بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي خرچ ختم
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste