اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ ??نجاب جي ٻوڏ مت??ثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سان مڪمل هم آهنگيءَ سان گڏوگڏ ٻوڏ مت??ثرن جي امداد ۽ بحاليءَ جي عمل ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل سينٽر مت??ثرن جي بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ مت??ثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ مت??ثرن جي بحالي ۽ امداد جي فراهميءَ لاءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ مت??ثرن لاءِ عطيا الا??يڊ بئنڪ جي اڪائونٽ ??مب?? PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ ??مب?? PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ ??مب?? K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ ??مب?? PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
هوائي فوج جي سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات