اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته ان ??دم سان ??زارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مستقبل ۾ ان جو دائرو ملڪ جي ٻين شهرن ??ائين وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي قيادت ۾ ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي ڊپارٽمينٽ آف دي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي منصور شاهد ايس الطائيبي به موجود هو، سعودي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف گڏيل آهي، هن چيو ته ٻئي ملڪ وقت جي لاهن چاڙهن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، وزيراعظم روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ان ??دم تحت هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته ”روڊ ٽو مڪه“ قدم مستقبل ۾ پاڪستان جي ٻين شهرن ??ائين وڌايو ويندو، سعودي سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ”روڊ ٽو مڪه“ قدم جو مقصد سعودي اميگريشن ۽ ڪسٽم بابت رسمي ڪاررواين کي حج لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ مڪمل ڪرڻ آهي، سعودي سفير چيو ته سعودي ٽيم اهڙن حاجي سڳورن جي ملڪ کان روانگي کان اڳ انهن جي سهولت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي.
مڪه منصوبي جو دائرو ملڪ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados