اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب اما??ات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ??ان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ??ان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم ??ان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير ??واجه محمد آصف، گهرو وزير ??اڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير ??فضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب اما??ات جي قيادت ??ان پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عرب اما??ات جي ڀائر ماڻهن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria