اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي چي?? آهي ته آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا، مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏينداسين پر قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته توهان کي اين آر او نه ملندو، مينار پ??ڪس??ان تي عمران خان گهرايو ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پريڊ گرائونڊ ۾ قوم چئي رهي آهي ته وزيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن چي?? ته 27 مارچ تي پ??ڪس??انين کي اسلام آباد آڻڻ جي دعوت جي تمنا منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇڏيو ته قوم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ قائداعظم قوم کي جاڳايو ته پ??ڪس??ان ٺهيو، 1965ع ۾ قوم جاڳي، پشاور اي پ?? ايس حملي تي قوم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ قوم جاڳي آهي ته ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چي?? ته پ??ڪس??ان جي قوم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿي وئي ۽ قوم عمران خان کي چئي ڇڏيو ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، بيٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عمران جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عمران خان جو ڳاٽ هي قوم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيندي. مخدوم شاهه م??مود قريشي چي?? ته اهي عمران خان کي پ??غام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏيندا. قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته زرداري، نواز شريف، فضل الرحمان توهان کي اين آر او نه ملندو. پرڏيهي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان چي?? هو ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس. هن چي?? ته اسلامو فوبيا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پ??ڪس??ان ۽ توهان جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه م??مود قريشي چي?? ته منهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇڏيان ته هي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير چي?? ته مون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇڏيو ته منصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، اها امانت مون توهان کي ڏئي ڇڏي آهي، قوم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ته م??ڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورتو ته توهان عمران جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻرائيندا نه. هن چي?? ته منهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينار پ??ڪس??ان گهرايو هو ۽ قوم آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پ??ڪس??اني قوم اهو پيغام کڻي آئي آهي ته قدم وڌائي عمران اسان توسان گڏ آهيون. هن چي?? ته قوم چئي رهي آهي ته اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پ??ڪس??ان. ضمير فروشن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.
آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔