گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ بليو اڪانومي کي استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان کي علائقائي رابطن ۽ واپار جي فروغ سان گڏ بحر?? معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ مستقل امن سان پاڪستان ج?? معيشت تي مثبت اثر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سا??بر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظها?? هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن ۽ بليو اڪانومي مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پورٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ رابطي رستن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، علائقائي رابط ۽ واپار جي فروغ سان بحر?? معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته وچ ايشيائي ملڪ افغانستان جي رستي گوادر بندرگاهه تائين واپار جي لاءِ بي چين آهن، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن سان اسان ج?? معيشت تي بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ قوم ڪورونا جي خلاف اسان جي حڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آهن، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪ?? معيشت کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سموري فورسز ملڪ جي دفاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سا??بر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پاڪستان تي ڪيترائي ڀيرا سا??بر حملا ڪيا ويا آهن، بدلجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سا??بر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تيار ڪرڻو پوندو.
ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ