ڪ??اچ?? – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪ??اچ?? ۾ وفاقي حڪومت جي منصوبن کي جل?? مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪ??اچ?? جي شهرين کي صاف ۽ وڌيڪ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن اها هدايت ڪ??اچ?? ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي سان جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جل??ل ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ڪ??اچ?? جي ٽن وڏن نالن (محمود آباد، گجر ۽ اورنگي) ملير ۽ لياري جي در??ائن ۽ نالن جي ڀرپاسي رستي جي تعمير، سيوريج سسٽم ۽ يوٽيلٽيز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ٻڌايو ته نالن جي سروي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ قبضا هٽائڻ جو ڪم ڀرپور طريقي سان جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته محمود آباد ۽ اورنگي نالي تي اڳڀرائي ترتيبوار سئو سيڪڙو ۽ 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته گجر نالي تا?? قبضا هٽائڻ ۾ 89 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي صفائي ۾ اڳڀرائي جو تناسب 97 سيڪڙو ۽ 90 سيڪڙو آهي جڏهن ته گجر نالي تي اڳڀرائي 79 سيڪڙو آهي، محمود آباد نالي تي آر سي سي ڀت جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ٻين نالن ۾ به اهو ڪم تيز ٿيندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته باقي سول ورڪس جون 2022ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي گرين لائن ۽ اورنج لائن بي آر منصوبي جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. گرين لائن هن سال آڪٽوبر کان فعال ٿي ويندي، وچ سيپٽمبر 2021ع تائين چين مان 80 بسون پهچي وينديون. اهڙي طرح سنڌ حڪومت جي درخواست تي ايس آئي ڊي سي ايل اورنج لائن جي لاءِ 20 بسون گهرائي رهي آهي جيڪي هن سال ڊسمبر تائين پهچي وينديون. ڪ??اچ?? جي شهرين کي پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور تي واپڊا چيئرمين پاران بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪ??اچ?? 1200 ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي جنهن ۾ حب ڊيم مان 100 ايم جي ڊي (ملين گيلن ڏهاڙي) شامل آهي. ڪ??اچ?? جي عوام کي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان سخت مشڪلاتون در??يش آهن، پاڻي جي ان سخت کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪي فور جو منصوبو جوڙيو ويو?? ان تي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي هئي جڏهن ته ان منصوبي جي لاءِ مالي وسيلا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت پاران فراهم ڪيا پئي ويا پر اهو منصوبو هڪ ڏهاڪي کان تعطل جو شڪار رهيو، هاڻي وفاقي حڪومت ان منصوبي کي مڪمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 85 ڪلوميٽر جي سروي آئي ايل ايف جي اسٽاف ۽ ڪنسلٽنٽس پاران مڪمل ڪئي وئي، منصوبي جي حتمي ڊيزائن آڪٽوبر 2021ع تائين مڪمل ڪئي ويندي، منصوبو آڪٽوبر 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي فريٽ ڪاريڊور ڪيماڙي کان پپري مارشلنگ يارڊ ۽ ماڊرن ڪ??اچ?? سرڪولر ريلوي منصوبي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 50 ڪلوميٽر ڊگهي ڪ??اچ?? پورٽ کان پپري فريٽ ڪاريڊور ۾ ڪوريڊور جي تعمير، رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ ۽ اپ گريڊيشن شامل آهي، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ويندڙ 40 سيڪڙو ڪارگو ٽرانسپورٽ ان ڪوريڊور جي ذريعي ٿيندي?? ان منصوبي جي فزيبلٽي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان منصوبي کي آڪٽوبر 2021ع ۾ مارڪيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪي سي آر منصوبي ۾ 43 ڪلوميٽر ورلڊ ڪلاس ماس ٽرانزٽ سسٽم ۽ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽرين شامل آهي، منصوبي جي فزيبلٽي مڪمل ڪئي وئي آهي، جيئن ئي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي پاران ٽرانزيڪشن جو خاڪو ۽ بڊنگ جا دستاويز منظور ڪيا ويندا ان منصوبي کي نومبر 2021ع تائين مارڪيٽ ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪ??اچ?? جي شهرين کي صاف ۽ وڌيڪ پاڻي جي فراهمي کي جل?? کان جل?? يقيني بڻايو وڃي ۽ ان مقصد جي لاءِ فني ۽ مالي طور تي ممڪن طريقا استعمال ڪيا وڃن. وزيراعظم سمورن لاڳاپيلن کي جاري منصوبن کي ٽائيم لائينز تحت مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سمورن منصوبن کي جل?? کان جل?? مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪ??اچ?? جي عوام کي انهن جا ثمر ميسر اچي سگهن. هن چيو ته ڪ??اچ?? ۾ وفاقي حڪومت پاران جاري منصوبن کي جل?? کان جل?? مڪمل ڪرڻ ۽ اعلان ٿيل منصوبن کي جاري ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته هن وقت وزيراعظم جو سمورو ڌيان ڪ??اچ?? شهر تي آهي ڇو ته ملڪ جو معاشي حب هجڻ جي لحاظ کان هن شهر جي خاص اهميت آهي.
ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ