اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 118 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز ت?? موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 395 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز ت?? ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي ل??اظ کان ملتان ۾ 81 سي??ڙو، لاهور ۾ 82 سي??ڙو، گجرانوالا ۾ 88 سي??ڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سي??ڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي ل??اظ کان پشاور ۾ 75 سي??ڙو، صوابي ۾ 93 سي??ڙو، چارسده ۾ 93 سي??ڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سي??ڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 64 هزار 685 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 923، پنجاب ۾ 37 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 519، اسلام آباد ۾ 6 هزار 178، بلوچستان ۾ 1 هزار، گلگت بلتستان ۾ 565، آزاد ڪشمير ۾ 725 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 46 هزار 652 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز ت?? ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 294 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 39 هزار 818 آهي.
سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 118 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا