اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز ۽ چوڌري فواد حسين سينيٽ اليڪشن هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۽ رياست جي خلاف بيان بازي جي مذمت ڪندي چي?? آهي ته سياسي لاوارثن حڪومت جي خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، الطاف حسين ۽ نواز شريف جي سياست هڪ جهڙي آهي، الطاف حسين بڻجڻندڙن کي ان جي انجام جي به خبر هجڻ گهرجي، قومي احتساب بيورو (نيب) خودمختيار ادارو آهي پر اسان ۽ پاڪستان جي عوام چاهي ٿي ته نيب جيڪو به ڪيس شروع ڪري ٿي ان کي منطقي انجام تائين پهچائي، مريم ۽ بلاول کي سياست جو ڪو تجربو نه آهي، مخالف ڌر سياسي نابالغن جي هٿن ۾ پنهنجي سياست گردي نه ڪري، مخالف ڌر جو لانگ مارچ به ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 21 جي خلاف ورزي آهي، مخالف ڌر لانگ مارچ بدران اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪندي چونڊ سڌارن ۽ قانونسازي ۾ اسان جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر سان ڪرپشن کانسواءِ هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته ڪورونا وبا جي شدت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهي آهي، 3 هزار کان وڌيڪ ڪيسز رڪارڊ ڪيا پيا وڃن، وبا جي گذريل لهر ۾ حڪومت جي حڪمت عملي تمام گهڻي ڪامياب رهي، وبا جي لاءِ احتياطي تدبيرون ڪرڻ تمام ضروري ٿي ويون. هن چي?? ته ويڪسين جو پهريون مرحلو جاري آهي، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ويڪسين ملي رهي آهي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته معيشت اهڙي فيز ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن ۾ استحڪام آيو آهي، ڪاروبار مثبت رفتار سان مٿي وڃي رهيو آهي. هن چي?? ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، حياتي کان وڌيڪ پياري ڪا شيءَ نه آهي. هن چي?? ته سياسي لاوارث ماڻهن هڪ مهم شروع ڪئي آهي، وزيراعظم تي اعتماد جي ووٽ سان انهن کي مايوسي ٿي جڏهن ته سينيٽ اليڪشن ۾ به انهن کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، مخالف ڌر پنهنجي سياسي موت ڏسي رهي آهي. شبلي فراز چي?? ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو ڳٺ آهي جنهن جو پاڻ ۾ ڪو جوڙ نه ٿو بڻجي، استعيفائن ۽ لانگ مارچ تي انهن ۾ اختلاف سامهون آيا، سينيٽ جي اليڪشن ۾ اهو ئي ثابت ٿيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي مولانا فضل ??لرحمان جي پٺيءَ ۾ ڇڙو گهونپيو آهي. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان حڪمت عملي تحت روزگار ۽ انساني جانين ٻنهي کي بچايو، اسان جي ڪاميابين کي دنيا ساراهيو آهي. اهڙي قسم جي بحرانن ۾ قيادت جي خبر پوندي آهي، عالمي وبا ڪوويڊ 19 ۾ وڏيون وڏيون معيشتون تباهه ٿيون آهن پر اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن. هن چي?? ته پنجاب حڪومت ويڪسينيشن ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چي?? ته ڪورونا جي ڪري ٻارن جي تعليمي سال تي خراب اثر پيو آهي، اسان جي حڪمت عملي هئي ته زندگين ۽ روزگار وانگر تعليم به متاثر نه ٿئي، ان ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي ٿي آهي، اسان جو تعليم وارو وزير ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آن لائين تعليم کي ملڪي سطح تائين ڦهلايو وڃي، تعليم واري وزارت ان تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.
سينيٽ اليڪشن هارائڻ کانپوءِ ملڪ ۽ رياست جي خلاف بيان بازي جي مذمت ڪريون ٿا: شبلي فراز/ چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea