اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سينيٽ الي??شن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي الي??شن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ترميمن سان سينيٽ الي??شن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ و??ٽن جي خريد ۽ وڪري جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران پاڪستان جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لاءِ هي ??يسٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سينيٽ الي??شن ۾ ضمير وڪرو ۽ و??ٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سينيٽ الي??شن اوپن بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سينيٽ الي??شن جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپوءِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سينيٽ الي??شن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم ج?? پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
وفاقي حڪومت پاران 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن لاءِ آئيني پئڪيج آڻڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina