اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئون ويب پو??ٽل کوليو ويو آهي، پنه??جي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهي صارفين احساس ويب پو??ٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگهن ٿا، احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020ع تي بند ٿي چڪيون آهن?? اهي اصل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا مسئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين ج??ري رهنديون?? اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين ج??ري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ