اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ??ي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت ??ي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ??ي غيرقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ?? گذريل سال پنهنجي خطاب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارت ??ي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متاثر ٿيڻ جي باوجود هو ڀارت ??ي قدمن جي خلاف ڳالهه ڪند?? ۽ ??ارت ??ي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ کيس ڀارت ??ي خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.
مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قدم کي اجاگر ڪرڻ تي ٿورا مڃان ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون