اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي جاءِ تي لٽڪائڻ جي پيرا کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف قرار ڏيندي خاص عدالت جو فيصلو لکندڙ جج جسٽس سيٺ وقار جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل سزا جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان اعليٰ عدليه کي د??خواست ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کا?? روڪيو وڃي، ان اهم معاملي تي وفاقي حڪومت کي شديد خدشا آهن، ??يرا 66 تي ٻن ججن اختلاف ته ڪيو پوءِ اتفاق راءِ ڪٿي هو؟ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت خاص مددگار ش??زاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
وفاقي حڪومت پاران جسٽس سيٺ وقار خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج