اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪجهه عنصرن پاران اظهار راءِ جي آزا??ي جي آڙ ۾ حڪومتي اعليٰ شخصيتن تي بنا ڪنهن ثبوت جي الزام هڻڻ ۽ وزيراعظم سميت وزيرن جي زندگي کي پروپئگنڊه جو نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڪابينا بي نام?? ٽرانزيڪشن جي روڪٿام جي قانون تحت مختلف ڪيسن کي حل ڪرڻ جي لاءِ بينچز جوڙڻ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي. وزيراعظم جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي ڪابينا ان ڳالهه تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪجهه عنصرن پاران اظهار راءِ جي آزا??ي جي آڙ ۾ حڪومتي اعليٰ شخصيتن تي بنا ڪنهن ثبوت جي الزام هنيا پيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت