اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين خلاف ورزين تان ڌيان نٿو هٽائي سگهي، پاڪستان سدائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو، پاڪستاني هاءِ ڪمشنرز ۽ سفيرن کي ڪشمير مسئلي جي ح??يقي منظرنامي ۽ اتي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ??م ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جمهوريه چيڪ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، جمهوريه چيڪ سان پنهنجي لاڳاپن ۽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش رکون ٿا. صدر اها ڳالهه جمهوريه چيڪ جي لاءِ پاڪستان جي نا??زد سفير محمد خالد جميل سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada