اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ جي دفاع کي هر قيمت تي يقيني بڻائيندي، پاڪستان کي کوکلن بيانن ۽ جارحاڻي انداز سان ڊيڄاري ن?? ٿو سگهجي، ڀارت کي دنيا جو ڌيان هٽرائڻ لاءِ سرجيڪل اسٽرائيڪ?? جي ڪوڙين دعوائن جهڙين بيڪار ڪوششن بدران خطي ۾ جام?? امن جي لاءِ ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو ڪنهن به ملڪ يا ق??م جي خلاف ڪو جارحاڻو ارادو نه آهي تنهن هوندي به امن جي اسان جي جستجو جو غلط مطلب وٺي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي هٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ علائقائي ??الميت کي ڪنهن به قسم جي خطري کي ناڪام بڻائڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي، پاڪستان ۽ ڪشمير کي هڪ ٻئي کان جدا ن?? ٿو ڪري سگهجي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو.
وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔