گڏيل قومون-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اقتصادي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن طرفان جاري ڪيل قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٻي ڪميٽي (اقتصادي ۽ مالياتي) جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ نئين تحفظ پسندي واپاري نيٽ ورڪس کي ٽوڙي ۽ عالمي معيشت کي ڪمزور ڪري رهي آهي، دنيا جا 60 ملڪ قرض جي بار هيٺ دٻيل آهن، ماحولياتي تبديلين جا ناڪاري اثر وڌي رهيا آهن ۽ ڊجيٽل ورڇ هڪ نئين ترقياتي و??ها??ت بڻجي سگهي ٿي، ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ منصوبابندي تحت گهڻ رخي ترقياتي قرضن جي ڳاڻيٽي، معيار ۽ پهچ ۾ اضافي جي ضرورت آهي. پاڪستاني نمائندي وڏي پئماني تي ترقياتي بحران، ڏڪار، غربت ۽ اڻبرابري کي اجاگر ڪندي چيو ته عالمي برادري جي ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته هو ترقي لاءِ ايڪشن پلان تي معاهدي لاءِ سياسي عزم کي گڏ ڪري جيئن ايندڙ سال جولاءِ ۾ اسپين ۾ فنانسنگ فار ڊولپمينٽ (FFD-IV)بابت ٿيندڙ چوٿين عالمي ڪانفرنس ۾ اختيار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جيڪا 2023ع ۾ 26 سيڪڙو تائين ڪري وئي ان جي ازالي لاءِ به قدم کنيا ويندا ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي عمل جوڳي ۽ بئنڪاري جي قابل منصوبن جي جوڙجڪ ۾ مدد ملي سگهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ان ڳالهه جو خواهشمند آهي ته اسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار انفرا اسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ۽ نجي سيڙپڪاري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جو مڪينزم جوڙيو وڃي. منير اڪرم اسرندڙ ملڪن لاءِ قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽتائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته قرض کان ڇوٽڪاري ۽ نئين سر تنظيم کي منصفاڻو، تيز رفتار ۽ جامع هجڻ گهرجي. هن وقت اسرندڙ خطا ڪجهه يورپي ملڪن جي ڀيٽ ۾ 6 کان 12 ڀيرا وڌيڪ مارڪ اپ تي قرض وٺي رهيا آهن جنهن جو بنيادي سبب اسٽينڊرڊز اينڊ پوئر ڪريڊٽ ريٽنگ آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ اسان کي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين سان ڳالهين ذريعي ان اڻبرابري واري نظام کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. هن ان موقعي تي ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول جي تحفظ ج?? منصوبن لاءِ فنڊنگ ۾ سيڙپڪاري ۽ ماحولياتي تبديلين سبب نقصانن تي مدد ۾ اضافي تي به زور ڀريو. هن چيو ته عالمي واپار جي حوالي سان نئين ماحولياتي تحفظ پسندي (جهڙوڪ سرحدي ڪاربن ٽيڪس جي مزاحمت) ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ ترجيحي مڪينزم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو مقصد عالمي عوامي ڀلائي هجڻ گهرجي. هن جوچوڻ هو ته اسان کي ملڪيتن جي اهميت جي تحفظ ۽ مصن??عي ذهانت تي گلوبل ڊجيٽل ڪمپيڪٽ ۾ معاهدن کي لاڳو ڪرڻ گهرجي. اسان کي گڏيل قومن ۾ هڪ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري جنرل جي پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان آفريقي گروپ سان گڏجي گڏيل قومن ۾ طئي ٿيل عالمي ٽيڪس معاهدن جي منظوري لاءِ پنهنجي تجويز تي ڪم ڪندو. پاڪستاني نمائندي فنانسنگ فار ڊولپمينٽ بابت عالمي ڪانفرنس کان اڳ ترقي لاءِ مختص خصوصي ڊرائنگ رائيٽس 2021ع جي 50 سيڪڙو کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي معاهدي تي عملدرآمد ڪرڻ تي به زور ڀريو.
اقتصادي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقياتي بئنڪن جي قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪيو وڃي: پاڪستاني سفير منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد