والاريل بيت المقدس -10 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عملي ۽ ڊونرز ملڪن جي نمائندن اسرائيلي حملي سبب تباهه ٿيل جنين پناهگير ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ هتي اسرائيل جي ٻن ڏهاڙن جي فوجي ڪارروائي سبب تباهي جي خوفناڪ منظرن ۽ نقصانن جو مشاهدو ڪيو. هن فوجي ڪارروائي ۾ 4 ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا ??هيد، 140 زخمي ٿيا. جڏهن ته تقريبن 900 گهرن کي نقصان پهتو آهي. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي يو ??ين آر ڊبليو اي جي ڊپٽي ڪمشنر جنرل ليني اسٽينسٿ چيو آهي ته دوري جو مقصد جني?? مهاجر ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو ۽ کين اهو يقين ڏيارڻ هو ته هن مشڪل وقت ۾ اسان ساڻن گڏ آهيون. وفد ۾ ايجنسي جي اولهندي ڪناري جي فيلڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ايڊم بولوڪوس ۽ گڏيل قومن جي رهائشي ۽ انساني همدردي جي ڪو آرڊينيٽر لن هيسٽنگز ۽ عالمي ڊونر ڪميونٽي جا ڪيترائي سينئر نمائنده پڻ شامل هئا. ليني اسٽينسٿ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته جنين ۾ خوفناڪ تباهي ڏٺي ڪجهه گهر مڪمل طور سڙي ويا هئا. تارون ڀتين سان ٽڪرايون ويون هيون ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو ايستائين جو ان اداري طرفان قائم ڪيل هيلٿ سينٽر به تباهه ٿي ويو. هن ٻڌايو ته جنين پناهگير ڪيمپ جا رهواسي اسرائيلي حملي کان بيحد خوفزده آهن. جنين پناهگير ڪيمپ ۾ تقريبن 24 هزار ماڻهو رهائش پذير آهن. هتي قائم يو ??ين آر ڊبليو اي جو هيلٿ سينٽر ايستائين تباهه ٿي ويو جو ان کي وڌيڪ استعمال جي قابل نٿو بڻائي سگهجي.
اسرائيل جي حملي کان پوءِ جنين ۾ تباهي جا خوفناڪ منظر ڏٺا: گڏيل قومن جي عورت عهديدار جي جنين دوري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : گرم گرم