اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ايڊوائيز??ي ??ورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سال 25-2024ع جي ڪمند جي فصل جي ڪاٿي ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ضرورتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ان جي قيمتن جي باري ۾ تفصيلي جا??زو ورتو ويو. اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رک?? ۽ عوام کي سستي اگهه تي کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي وزير سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي هٿرادو کوٽ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻ??. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. راڻا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جا??ي ??کندي. هن اهو پڻ چيو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت صوبن سان گڏجي کنڊ جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ مستقل نگراني ڪندي ته جيئن عوام کي کنڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا