باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌر??ئي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باڪو ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي ??جلاس جي موقعي تي جمهوريه چيڪ جي وزيراعظم پيٽر فيالا سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ??ڳواڻن ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي موقعن خاص طور تي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل علائق??ئي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ??ڳواڻن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاء?? واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافي??ئي بيهڪ ۽ وچ ايشيا جي گيٽ وي جي طور تي ص??اح??ت تي پڻ روشني وڌي، چيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائق??ئي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ??ڳواڻن علائق??ئي سلامتي ۽ پائيدار ترقي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مس??قل ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي تازي دور جي اهم ترين مسئلن مان هڪ آهي ??نهن جي لاءِ گڏيل عالمي قدمن جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي اثرن کان بچاءُ جي قدمن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، گرين انرجي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه چيڪ سميت عالمي حصيدارن سان تعاون ضروري آهي.
وزيراعظم پاران جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن