واشنگٽن -23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگ??يب سان آمريڪي ناڻي واري وزارت جي عالمي ماليات واري اسسٽنٽ سيڪريٽري برينٽ نائمن ملاقات ڪئ?? ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڏي وٺ ڪئ??. ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل ان ملاقات دوران ناڻي واري وزير برينٽ نائمن کي ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي قدمن ۽ صوبائي زرعي انڪم ٽيڪس (اي آئي ٽي ) جي نظام کي وفاقي ۽ ڪارپوريٽ آمدني جي ٽيڪس جي شرح سان هم آهنگ ڪرڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن سبسڊيز ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ڪمپنين (ايس او ايز) نئين سر جوڙجڪ ۽ (ڪلائميٽ پبلڪ انويسٽمينٽ اينڊ پي آئي ايم اي اڪائوئنٽبلٽي) منصوبي تي اٿرائتي نموني سان عمل ڪرڻ تي پڻ بريفنگ ڏني. هن پا??ستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته انهن سمورن سڌارن جو مقصد پا??ستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي وڌائڻ آهي. موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ پڻ ان حڪمت عملي جو حصو آهي. ناڻي واري وزير پا??ستان لاءِ آئي ايم ايف جي ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسلٽي ۾ آمريڪي حمايت جو پڻ شڪريه ادا ڪيو.
ناڻي واري وزير سان آمريڪي ناڻي واري وزارت جي عالمي ماليات واري اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات ، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria