اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وزارت شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ گيت رليز ڪري ڇڏيو. گِيت ۾ پاڪستان جي رنگارنگ ثقافتي ورثي ۽ مهمان نوازي جي روايت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. ان گيت جي عڪسبندي ۾ پاڪستان جي خوبصورت جاين، تار??خي ۽ اهم عمارتن ۽ گهڻ رُخي ثقافت کي وڏي خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي محنت، لگن ۽ جذبي کي پڻ تمام خوبصورتي سان اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ناليواري گلوڪار عمير جسوال جي آواز ۾ نغمو ”خوش آمديد“ جي ٻول ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي مهمان نوازي ۽ ايس سي او ملڪي سربراهن کي ڀليڪار چوڻ جو جذبو سمايل آهي. اطلاعات ?? نشريات واري وزارت اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو گيت مهمانن کي پاڪستان جي ثقافت کان روشناس ڪرائيندو ۽ ان جي دلين ۾ پاڪستان جي لاءِ محبت پيدا ڪندو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ايس سي او جي 32هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ گيت جاري
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب