اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي امن کي ترجيح ??ين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسر??ئي?? تازي مهينن ۾ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ سنگين انساني بحران پيدا ٿيو آهي. هن چيو ت?? اسر??ئي?? غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لب??ان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سان بيگناهه شهرين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن. فلسطين، لب??ان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورين ڌرين جي لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهي پـٺتي ٿين ۽ عالمي برادري کي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ت?? پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، لب??ان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ت?? پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جامع حل سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهم طور ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.
پاڪستان پاران وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا