اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ شهرين کي پنهنجو تجربو ۽ دانشمندي نوجوان نسل کي منتقل ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته بزرگ ماڻه?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي اس??ن بزرگ ماڻه?? جي لاءِ نگهداشت ۽ سارسنڀال جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار بزرگ ماڻه?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بزرگ شهري نه رڳو اس???? جي معاشري جو بنياد آهن پر اهي علم، حڪمت ۽ تجربي جو خزانو به آهن، اس??ن جو مذهب اس??ن کي پنهنجي والدين ۽ بزرگن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ جو درس ڏي ٿو. صدر چيو ته اس??ن جا والدين ۽ بزرگ ٻار?? جي پرورش ۾ وقت، محبت، توانائي ۽ وسيل?? جي صورت ۾ بي پناهه قربانيون ڏين ٿا، اها اس???? جي اخلاقي ۽ مذهبي ذميواري آهي ته اس??ن انهن سان عزت ۽ وقار سان پيش اچون ۽ پوڙهائپ ۾ انهن جو خيال رکون. صدر چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين رياست تي اها ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته اها انهن سمورن شهري?? جي لاءِ زندگي جون ضرورتون فراهم ڪري جيڪي ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري جي ڪري مستقل يا عارضي طور تي پنهنجي روزي ڪمائڻ کان قاصر آهن. هن چيو ته پاڪستان بزرگ شهري?? جي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جيئ?? جيئن ماڻه?? جي عمر وڌي ٿي اهي ٻين تي د??رومدار ڪرڻ لڳن ٿا ۽ انهن کي خصوصي سارسنڀال جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ اس???? جي بزرگن کي سستي طبي سهولتن تائين پهچ ڏيڻ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي بهتر صحت جي سهولتن کي ترجيح ڏين، سماجي تحفظ بهتر بڻائين، بزرگ?? جي حقن جو تحفظ ڪن ۽ انهن کي هڪ دوستاڻو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪن. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو پاڪستان کي وڌيڪ جامع ۽ بزرگ دوست ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون.
صدر پاران بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار