نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان پارليامي??ٽ جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا ج??هن ۾ سوال اٿاريو و??و ته هڪ اهڙي پارٽي ج??هن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي، ان کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون، آزاد اميدوارن کي ٽن ڏي??هن جي اندر ڪ??هن سياسي پارٽي ۾ ش??ول??ت اختيار ڪرڻي هوندي آهي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ ش??ول??ت اختيار ڪئي ج??هن جو پارليامينٽ ۾ وجود ۾ ئي نه هو، سلمان اڪرم راجا انتهائي عجيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جهڙي انداز ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام موجود آهي، مخصوص سيٽن تي آئيني ۽ قانوني سوالن جو جواب اچڻ ضروري آهي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته تازن ڏي??هن ۾ پارليامي??ٽ جي بالادستي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا ۽ چ??و ته اهڙي سياسي پارٽي کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون ج??هن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه آهي، قانوني طور تي ا??هن کي مخصوص سيٽون نه ٿيون ڏئي سگهجن. وفاقي وزير چ??و ته رولز اڳ ۾ ئي موجود هئا، پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪئي ج??هن موجب ڪو به آزاد اميدوار ٽن ڏي??هن جي اندر ڪ??هن سياسي پارٽي ۾ ش??ول??ت اختيار ڪري سگهي ٿو. ڪ??هن سياسي پارٽي ۾ ش??ول??ت اختيار ڪرڻ جي لاءِ جمع ڪرايل حلف نامن جي خلاف ورزي فلور ڪراسنگ تصور ٿئي ٿي. هن چ??و ته تحريڪ انصاف وٽ چوائس موجود هئي، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ ش??ول??ت اختيار ڪري غلطي ڪئي ڇو ته سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ موجود ايم ڊبليو ايم کي به جوائن ڪري سگهي پئي. هن چ??و ته تحريڪ انصاف جي ان غلطي کي ڪهڙي طرح درست ڪري سگهجي ٿو، ڇا ا??هن ماڻهن جيڪي حلف ناما جمع ڪرايا ڇا اهي ڪوڙا هئا؟ ڇا پارٽي تبديل ڪرڻ جي گنجائش هر ڪ??هن کي ميسر رهندي؟ ج??هن جي دل چاهي اهو حلف نامو منسوخ ڪري پارٽي تبديل ڪري سگهي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا معزز جج بابت عجيب بيان ڏنو آهي، معزز ججن بابت وڪيلن کي اهڙي ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان جي بيان ۾ حقيقت آهي ته ان جي باقاعده وضاحت اچڻ گهرجي، اها وڏي حيرانگي جي ڳالهه آهي ۽ سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ليڊر آن ايئر اها ڳالهه ڪيئن ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته اسان پارليامي??ٽ جي بالادستي جي لاءِ اسپيڪر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، ان معاملي تي اسپيڪر سان گڏ بيٺل آهيون ته قانونسازي کي اوور رول ڪري فلور ڪراسنگ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ هن چ??و ته اسپيڪر جيڪو سوال اٿاريو آهي اهو قانوني ۽ آئيني سوال آهي. ان کانسواءِ جسٽس يحييٰ آفريدي جي اختلافي نوٽ جي اندر وڏا اهم نقطا اٿاريا ويا آهن ۽ باضابطا طور تي چيو ويو آهي ته هڪ پارٽي جيڪا ٻڌڻي ۾ ڌر ئي نه هئي، نه ئي ان درخواست ڏئي رکي هئي، ان کي ڪهڙي طرح ريليف ڏئي سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اهو وڏو اهم ۽ آئيني سوال آهي ته ڪير ڌر نه هجي ۽ ريليف نه گهريو وڃي ۽ ان کي ريليف ڏنو وڃي، جهڙي انداز سان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، ان ۾ تمام گهڻو ابهام آهي، ان جو جواب اچڻ ضروري آهي.
اسان پارليامينٽ جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيا جنهن ۾ سوال اٿاريو ويو ته هڪ اهڙي پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي، ان کي ڪهڙي طرح مخصوص سيٽون ڏئي سگهجن ٿيون: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ