اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقويءَ سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سعودي عرب جي شاهي خاندان ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سعودي سفير سان مُلاقات ۾ سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي سفير کي مبارڪون ڏنيون. وفاقي وزير مشڪل جي هر گهڙي ۾ ڀرپور سهڪار تي سعودي عرب جي حڪومت ۽ سفير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سعودي عرب هر آزمائش ۾ پاڪستان جو پورو ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ ه??ي يا زلزلو، معاشي ڏکيائيون يا ڪو ٻيو معاملو سعودي عرب جي ڀرپور سهڪار جو مثال نٿو ملي. محسن نقوي چيو ته سعودي عرب سان هر مسلمان کي خا?? عقيدت آهي. هن چيو ته سعودي عرب مشڪلاتن ۾ پاڪستان سان ڀرپور ساٿ نڀايو آهي، هر پاڪس??ان?? کي سعودي عرب سان تاريخي دوستي تي فخر آهي، سعودي سفير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، پاڪستان اسان جو بر??در ملڪ آهي.
وفاقي گهرو وزير جي سعودي سفير سان ملاقات، ملڪ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي شاهي خاندان ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس