اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو ج??هن ۾ اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ ??ونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ور??و ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس رليز موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪ??ام الله خان، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي لا سيڪريٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ??ونڊون جو پروگ??ام 8 آگسٽ تي جاري ڪيو ج??هن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگ??ام موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن لوڪل گورنمينٽ ??ونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ??ونڊون ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان موقف ور??و وڃي ۽ ڄاڻايل چونڊون ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن کي نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس، اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری