اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو و??جا??ُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت بليو اڪانومي کي اقتص??دي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ طور ترجيح ڏئي رهي آهي، اسان جي ڪوششن ۽ عالمي حصيدارن جي تعاو?? سان دنيا جي سامونڊي نقشي تي پاڪستان جي اهميت وڌيڪ وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگيوز ويلاسڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل ويلاسڪو جي آجيان ڪئي ۽ آءِ ايم او سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو و??جا??ُ ڪيو. هن ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي سگهه ڏيڻ، سامونڊي وسيلن جي ڳولا، سامونڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ شپ بريڪنگ انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت بليو اڪانومي کي اقتص??دي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ جي طور تي ترجيح ڏئي رهي آهي. هن سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرائڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي روشني وڌي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته انهن ڪوشسن جي ذريعي ۽ آءِ ايم او ۽ عالمي حصيدارين جي تعاو?? سان دنيا جي سامونڊي نقشي تي پاڪستان جي اهميت وڌيڪ وڌندي. وزيراعظم شهباز شريف سامونڊي اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي عالمي ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ عالمي حصيدارن ۽ آءِ ايم او سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جي تجديد ڪئي. آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي قيادت ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پنهنجي سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ عالمي ميري ٽائيم ڪميونٽي ۾ ان جي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو. هن عالمي سامونڊي برادري ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جو اعتراف ڪيو ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آءِ ايم او پاران حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.
حڪومت بليو اڪانومي کي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ طور ترجيح ڏئي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری