مسقط / اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ گاد?? واري شهر مسقط ۾ ٻطرفي سي??سي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ اومان جي پرڏيهي وزارت ۾ جي سي سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي. ڌرين پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن بشمول سي??سي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافت، صحت ۽ قونصلر معاملن جو جامع جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ اومان تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل وزارتي ??مي??ن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ڌرين اسلام آباد ۾ جلد کان جلد ايندڙ اجلاس منعقد ڪرڻ تي ا??فاق ڪيو. ڌرين ٻطرف?? واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي ا??فاق ڪيو. اومان کي خ??وص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي. اومان جي وفد 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي مسقط ۾ ٿيندڙ پهرين پاڪستاني بزنس ايڪسپو جي لاءِ حمايت جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ گادي واري شهر مسقط ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون اجلاس ٿيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن