راولپنڊي – 26 – آگسٽ (??ي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 آگسٽ 2024ع جي وچ واري رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪيتريون ڪڌيون ڪارروايون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دشمن عنصرن جي هدايت تي ڪئي ويندڙ انهن بزدلاڻي دهشتگردي جي ڪاررواين جو مقصد بلوچستان جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ هو، جن ۾ خاص طور تي موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلا ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. انهن واقعن جي نتيجي ۾ ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا. موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن راڙاشم جي عام علائقي ۾ هڪ بس کي روڪيو ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو جيڪي بلوچستان م پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ ڪم ڪ??ي رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ۽ جوابي ڪارروائي دوران 21 دهشتگردن کي ماريو جنهن سان مقامي آبادي جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو. جڏهن ته انهن ڪاررواين دوران 14 بهادر جوان جن ۾ 10 سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ 4 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل هئا، بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته انهن ڪڌي ۽ بزدلاڻي ڪاررواين جي منصوباسازن، ڏوهارين، سهولتڪارن ۽ معاونين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جيڪي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر جوانن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشنز دوران 21 دهشتگردن کي ماريو، پاڪ فوج جا 14 جوان شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری