ملتان-26 آگسٽ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري چيو ??هي ته ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي. پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي ڏنل 45 ارب رپين جي رليف کي شفاف انداز سان صارفين سان پهچائينداسين. اهڙو اظهار هن ميپڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا سان ڳالهائي??دي ڪيو. هن چيو ??ه آءِ پي پيز سان معاملا گڏيل ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ملڪي ۽ عوامي مفادن مطابق طئي ڪيا ويندا. سردار اويس لغاري جو چوڻ هو ته ڪيپسٽي ادائگين جو ??سئلو حل ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ??ه نجڪاريءَ کان اڳ ڊسڪوز جا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. پري پيڊ ميٽرز لڳائڻ، صارفين جي مسئلن جي حل ۽ پنجاب حڪومت جي بجلي جي بلن ۾ ڏنل رليف کي شفاف انداز سان صارفين تائين پهچائينداسين. سردار اويس لغاري چيو ??ه وزارت مان سفارش جو ڪلچر ختم ڪيو ويو ??هي. ملتان ريجن ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوريءَ جون رپورٽون آهن، جنهن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي فري هينڊ ڏنو ويو ??هي، ان جو چوڻ هو ته اسان جو ??دف آهي ته سمورن ميٽرز کي سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيو وڃي جنهن جو ??ائدو سنگل ۽ ٿري فيز صارفين کي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ??ه بجلي صارفين جي سهولت ۽ شڪايتن تي فوري ڪارروائيءَ لاءِ هيلپ لائن جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻايو پيو وڃي، ان کان اڳ وفاقي وزير ميپڪو جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران هيلپ لائن نظام جي بهتري ميپڪو ڪارڪردگي ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي جي صارفين کي 45 ارب رپين جي رليف کي شاندار انداز سان صارفين تائين پهچائڻ لاءِ تجويزن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
عوام کي ايندڙ هڪ سال ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر ايندي: سردار اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں