اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سا??وڻي ۾ وڻڪاري مهم ??اءِ پيغام ۾ چيو آهي، ته سا??وڻي ۾ وڻڪاري مهم 2024ع جي شروعات تي ماحولياتي تحفظ طرفان پاڪستانين جي پختي لگن تي دل جي گهرائين سا?? شڪريو ادا ڪيان ٿو، هي مهم صرف هڪ موسمي قدم ناهي، پر پنهنجي پياري ??لڪ جي قدرتي حسن ۽ وسيلن جي تحفظ کي هٿي وٺائڻ لاءِ قومي فرض جو هڪ اهم ??اسو آهي. هن چيو ته وڻ زندگي جو اثاثو آهن، تازي هوا فراهم ڪن ٿا، آبهوا بهتر بڻائين ٿا ۽ هڪ ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏين ٿا. وڌندر ماحولياتي مسئلن کي نظر ۾ رکندي وڻڪاري جي اهميت وڌي وئي آهي. اسان جي پياري پيغمبر به وڻ لڳائڻ جي ترغيب ڏني، اوهان جو فرمان آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي وڃي ۽ توهان مان ڪنهن به شخص جي هٿ ۾ کجيءَ جو ٻوٽو هجي ۽ ان کي قيامت قائم ٿيڻ کان پهرين ٻوٽي لڳائڻ جي مهلت ملي وڃي ته هو ان ٻوٽي کي لڳائي ڇڏي. هن وقت ??لڪ جي ٽوٽل ايراضي جو صرف 5 سيڪڙو حصو جنگلن جو آهي، ڪاٺين جي وڌندڙ گهرج ۽ ٻين زميني استعمال سبب جنگلن تي شديد دٻاءُ آهي، سا??وڻي جي موسم وڻڪاري مهم ??اءِ اسان جي ماحول تي بهترين ا??ر وجهڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ هڪ سرسبز ۽ صحتمند مستقبل محفوظ بڻائڻ جو موقعو آهي. صدر مملڪت چيو ته ٻيلن کي هٿي وٺائڻ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ اولين ترجيح آهي. اپ اسڪلڊ گرين پاڪستان پروگرام تحت وڏي پئماني تي ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊيلٽا بليوڪاربن جي قدمن تحت پاڪستان 1990ع کان مينگرو وز جي ايراضي ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري مينگرو وز جي بحالي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ مينگرو وز لڳايا ويا، جنهن سا?? عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سا?? 27 ملين ڊالرز به ڪمايا ويا. دي ليونگ انڊس پروگرام جو مقصد ٻيلن جي ڪٽائي روڪڻ آهي ۽ ان سا?? گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي بحالي جو فليگ شپ ايوارڊ مليو آهي. هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته حڪومت ڪميونٽي جي تعاون کان سواءِ جهنگلي وسيلن کي هٿي وٺائڻ ۽ تحفظ نٿي ڪري سگهي،انهي لاءِ معاشري جي مختلف طبقن جي شموليت اڻٽر آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هو ان نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو ضرور وجهندا. هتي اه?? ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اسان جي نوجوان نسل موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ ٻيلن جي ڪردار جي اهميت کي آگاهه هجي ۽ اسان هن اهم ??شن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سگهه وڌائڻ، تعليم ۽ نواڻ کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.مان سمورن پاڪستانين خاص ڪري نوجوانن کي گذارش ڪيان ٿو ته هو سا??وڻي جي وڻڪاري مهم 2024ع ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن ۽ وڌ کان وڌ وڻ لڳائي ??لڪ ۾ ٻيلن کي هٿي وٺائڻ جو قومي مقصد حاصل ڪري سگهجي. اچو اسان هن مهم جي پائيداري لاءِ اسان جي عزم ۽ هن سر زمين لاءِ اسان جي محبت جي علامت بڻايون. مون کي يقين آهي ته اسان سڀئي گڏجي هڪ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان جو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا.
وڻ زندگي جو حصو آهن، آبهوا بهتر بڻائڻ ۽ هڪ ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا