اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان اسحاق ڊار چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري جو عمل مڪمل شفاف ٿيندو، سي سي او پي جي سربراهه جي حيثيت سان پڻ شفافيت کي يقيني بڻائيندس. سينيٽ جي اجلاس ۾ رياستي ملڪيتي ادارن بابت ترميمي ايڪٽ بل تي سينيٽر علي ظ??ر جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته نجڪاري بابت سمورن حڪومتي اتحادين کي پڻ مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو، پاڪستان اسٽيل ملز جي خساري ۾ قوم جا اربين رپيا ضايع ٿي چڪا آهن، ڇا اسان وڌيڪ اهو نقصا?? برداشت ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پي ٽي سي ايل کي مشرف دور ۾ اتصالات کي وڪرو ڪيو ويو، ان وقت ٽي آڇون موصول ٿيون هيون، ان کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت سميت ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ته اهو معاملو نه سلجهايو ويو، اسان ان معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهيا آهيون، پي ٽي سي ايل جا ساڍا ٽي سئو مان ڏيڍ سئو اثاثا اڃان به اتصالات جي حوالي ناهن ڪيا ويا. اسان انهن کي 150 مان 30 ا??اث?? تي وٺي آياسين، اتصالات انهن ا??اث?? جي پنهنجي طور تي قيمت لڳرائي آهي، ان تي پراپرٽيز جي 263 ملين ڊالر قيمت لڳرائي وئي جيڪا تمام گهٽ آهي.
ادارن جي نجڪاري جو عمل مڪمل شفاف ٿيندو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے