بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان چين جي دوري دوران شو گوانگ جي ميئر زائو ت??ان بائو بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ۾ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا ۽ انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، زراعت، آءِ ٽي ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف موقعن تي روشني وڌي. هن چين?? ڪمپن??ن کي پاڪستان ۾ مينوفيڪرچنگ يونٽس لڳائڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ميئر زائو ت??ان بائو شو گوانگ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری