اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آه??، مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقع?? پيدا ٿيندا، لاڳاپيل عملدار اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چيئرمين راجا ناظم الامين جي قيادت ۾ رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي 17 رڪني وفد ملاقات ڪئي. نگران و??ير??عظم چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ اتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هن چيو ته مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقع?? پيدا ٿيندا، اسڪردو ايئرپورٽ کي عالمي حيثيت ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ سياحت ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ ڪيترائي ملڪ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن. نگران و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم چيو ته گلگت بلتستان جي مجموعي ترقي علائقي ۾ سماجي هم آهنگي تي منحصر آهي. نگران و??ير??عظم رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي علائقي جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. وفد نگران و??ير??عظم کي گلگت بلتستان جي مختلف شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. نگران و??ير??عظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال گلگت بلتستان ۾ 16 لک کان وڌيڪ سياح اچي چڪا آهن.
ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی