اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اي??ان جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نور خان اي??ربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه اي??يا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب اي??اني پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به م??اق??ت ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ اي??اني پرڏيهي وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ اي????ن پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪست??ن پاران اي??ان جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.
ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ