راولپنڊي-18 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) ايران جي حدن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ واري آپريشن مرگ بر، سرمچار جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ هاڻوڪن دهشتگرد حملن ۾ ملوث دهشتگردن کي نشانو بڻائڻ ل??ءِ ڊرونز، راڪيٽن، بارودي سرنگهن ۽ اسٽينڊ آف هٿيارن کي استعمال ڪيو ويو. ضمني نقصانن کان بچڻ ل??ءِ وڌ کان وڌ احتياط ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ??رف??ن جاري بيان موجب 18 جنوري 2024ع جي صبح پاڪستان ايران جي اندر ٺڪاڻن تي موثر حملا ڪيا، جيڪي پاڪستان تي حملو ??ندڙ دهشتگردن جي استعمال ۾ هئا. بيان ۾ چيو ويو ته بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ نالي دهشتگرد تنظيمن جي استعمال هيٺ ٺڪاڻن کي انٽيلي جنس تي ٻڌل آپريشن ۾ ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، ان آپريشن جو ڪوڊ نالو مرگ بر، سرمچار آهي. نشانو بڻايل ٺڪاڻا بدنام زمانه دهشتگرد استعمال ڪري رهيا هئا جن ۾ دوست عرف ??يئرمين، بجر عرف سوغت، ساحل عرف شفيق، اصغر عرف بشام ۽ وزير عرف وزي شامل آهن. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي ڪاررواين خلاف پاڪستاني ش??ري?? جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ هر وقت تياري جي حالت ۾ آهي. پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ۽ ڪنهن به مهم جوئي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ اسان جو عزم اڻٽر آهي. عوام جي مدد سان پاڪستان جي سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ ل??ءِ عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ اڳتي وڌڻ ل??ءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان جي پاڙيسري ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻ??رف?? مسئلا حل ڪرڻ ل??ءِ ڳالهيون ۽ تعاون کي دانشمنداڻو سمجهيو ويندو آهي.
آپريشن مرگ بر سرمچار جا تفصيل جاري، پاڪستان ۾ هاڻوڪن دهشتگرد حملن ۾ ملوث دهشتگردن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڊرونز، راڪيٽن، بارودي سرنگهن ۽ اسٽينڊ آف هٿيارن کي استعمال ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ