اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جمهوريت ۽ سياسي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ نوجوانن جي شرڪت لازمي آهي، پنهنجي حڪ??مت جي دور ۾ پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نگران حڪ??مت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون. هڪ ??وڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوريت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جي قيادت جي چونڊ جمهوري انداز ۾ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جمهوريت جي تصور کي مخ??لف سببن ۽ سول ادارن جي ڍانچي ۾ ڪمزورين جي ڪري ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته افغان پناهگير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ رهيل آهن، پاڪستان افغانستان ۾ دوست حڪ??مت چاهي ٿو جيئن خطي جي ٻين ملڪن جي خواهش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن پنهنجي حڪ??مت جي دور ۾ بلوچستان، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي تعليمي ادارن جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي موقف کي ٻڌو. هن چيو ته بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروپن جو موقف اخلاقيات ۽ پاڪستان جي آئين ۽ قانونن جي خلاف آهي. هن چيو ته لکين نوجوان پاڪستان ۾ پنهنجو مستقبل ڏسن ٿا، اڪثر ماڻهن بهتر ملازمتن ۽ معاشي سببن جي ڪري پاڪستان ڇڏيو. جيڪي ماڻهو ٻاهرئين ملڪ مان پرڏيهي ناڻو موڪلين ٿا اهي پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ کانپوءِ پاڪستان واپس ??چڻ چاهين ٿا. مستقبل ۾ وڌيڪ ماڻهو پاڪستان واپس ايندا ڇو ته انهن کي اسلامي ۽ اوڀر قدرن سان لڳاءُ آهي. هن چيو ته هن پنهنجي دور ۾ پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نگران وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هو سينيٽ آف پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ چاهيندو. هن چيو ته نگران حڪ??مت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون.
جمهوريت ۽ سياسي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ نوجوانن جي شرڪت لازمي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری