اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وا??الحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ح??وم?? اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا ت??ظيمن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آف??سر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي به موجود هُئا. نگران وزيراعظم ميڊيا آف??س پاران جاري بيان موجب ملا??ات ۾ اي پي اين ايس، سي پي اين اي اخباري صنعت جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. نگران وزيراعظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ح??وم?? اظهار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊيا ت??ظيمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا