اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس سان اقتصادي، ز??عي?? سائنس ۽ ٽي??نالاجي، انفارميشن ٽي??نالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائ?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته بيلاروس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بيلاروس جي پرڏيهي وزير کي ڀارت ??ار??ن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس جي 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿي?? جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بيلاروس جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪر?? جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب