اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي ??ڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد ڪندي ايف بي آر کي اطلاع ڏي??دڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نجي ڪمپني جي اڪائونٽنٽ ڪمپني پاران مبينا ٽيڪس فراڊ جي معلومات ايف بي آر کي ڏني هئي، اطلاع ڏي??دڙ جي معلومات ڪمپني جي مالڪ کي ليڪ ڪئي وئي جنهن تي ملازم کي ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو. صدر چيو ته ايف بي آر وضاحت ڪري ته هو قومي خزاني کي نقصان پهچائي??دڙ ڪمپني کان سيلز ٽيڪس جي وصولي لاءِ فراهم ڪيل معلومات کي مڪمل طور تي ڇو استعمال نه ڪري سگهيو. ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي ??ڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ايف بي آر پنهنجي لاڳاپيل اسيسمنٽ آرڊر تي نظرثاني ڪري. صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر اطلاع ڪ??دڙ کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ۽ ف??اهم ڪيل معلومات کي مڪمل طور تي استعمال ڪري. صدر ڪمپني پاران مختلف مبينا مالي بي ضابطگين بابت معومات جو مڪمل فائدو نه کڻڻ تي ايف بي آر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو اطلاع ڏي??دڙ جي تصور ۽ ان حوالي سان قانونسازي جي سخت خلاف آهي. هن چيو ته معلومات مان فائدو کڻڻ بدران ايف بي آر تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب محمد الياس ناردرن ٽولنگز پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو، هن ايف بي آر کي خبر ڏني ته ڪمپني مختلف مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي. وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري/دوکيبازي جي اطلاع تي شهري کي اطلاع ڏي??دڙ طور رجسٽرڊ ڪيو ويو. ايف بي آر ڪمپني جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ۽ 1.5 ڪروڙ رپين جي وصولي ڪئي، وصول ٿيل رقم فراهم ڪيل معلومات صحيح طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري تمام گهٽ هئي. سي ٽي او لاهور جي عملي ٽيڪس چوري ڪ??دڙ ڪمپني جي مالڪ کي اطلاع ڪ??دڙ جي سڃاڻپ به ظاهر ڪئي جنهن تي ڪمپني اڪائونٽنٽ کي پوليس ۽ ٻين ڪاررواين سان ڌمڪيون ڏنيون. شڪايت ڪ??دڙ وفاقي ٽيڪس محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن ملازم کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ايف بي آر فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب جو ??ڪم رڳو ايف بي آر جي فرض جو ورجاءُ آهي ته معلومات مڪمل طور تي استعمال ڪئي وڃي، ايف بي آر چوري ٿيل سيلز ٽيڪس جي رقم جي وصولي لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي معاملي تي ٽيڪس محتسب کي 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي وڌيڪ هدايت پڻ ڪئي آهي.
صدر پاران وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد، ايف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات