اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ا??ن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي تي مرڪوز آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽريز جي 18 هين اجلاس ۾ قومي سلامتي ڊويزن جي سيڪريٽري انجنيئر عامر حسن جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد زوم لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ده??تگ??دي ۽ انتهاپسندي جي لعنت تي ڳالهائيندي عامر حسين ده??تگ??دي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني عوام جي لازوال قربانين تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ا??ن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي تي مرڪوز آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر