اسلام آباد– 30 – جن??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ پوليس لا??ينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو مسجد تي حملو اسلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪست??ن جا دشمن غلط فهمي جو شڪار آهن ته معصومن جو رت وهائي دهشتگردي جي خلاف اس??ن جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لا??ين صوبو آهي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئي وئي. هن چيو ته قائد نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو آندو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لا??ِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لا??ِ پڻ دعا ڪئي.
مريم اورنگزيب پاران پشاور پوليس لائينز مسجد ۾ خودڪش حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر